لنڊن (ويب ڊيسڪ)فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تازو ئي هڪ نئون فيچرمتعارف ڪرايو آهي جنهن ذريعي صارفين ڊيليٽ ڪيل پوسٽس ۽ وڊيوز واپس آڻي سگهن ٿا. انسٽاگرام جو هي نئون فيچر گذريل هفتي سڄي دنيا جي صارفين لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. فيسبڪ جي ملڪيت واري اداري انسٽاگرام هن فيچر جي وضاحت ڪندي ٻڌايو آهي ته اڪثر هيڪرز صارفين جي اڪائونٽس مان سندن پوسٽون ڊيليٽ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ايپ ۾ ان پوسٽن کي واپس آڻڻ جو ڪو ٻيو آپشن موجود نه هو. هاڻ انسٽاگرام جي هن نئين ‘ريسينٽلي ڊيليٽڊ فيچر’ جي ذريعي سڄي دنيا جا صارفين ايپ مان ڊيليٽ ڪيل پوسٽس ريڪور يعني واپس آڻي سگهندا. ان لاءِ ايپ کي اپ ڊيٽ ڪرڻوپوندو. جنهن بعد اوهان کي انسٽاگرام جي سيٽنگ ۾ وڃي اڪائونٽ جي آپشن کي کولڻو پوندو. اڪائونٽ جي آپشن ۾ وڃڻ کان پوءِ اوهان کي (ريسينٽلي ڊليٽ) جو آپشن نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ اوهان ان کي واپس ڪري سگهندا.










