ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جو سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو اوچتو گهر پهچي ويو آهي. سندس گهرواري فون تي پوليس کي سندس گهر پهچڻ جو اطلاع ڪيو. بدر جميل مينڌرو جمعي تي پر اسرار نموني گم ٿي ويو هو. سندس گهر ڀاتين پوليس کي اطلاع ڪيو هو ته هو جمعي تي شام جو ڊرائيور سان گڏ آفيس مان نڪتو پر گهر ناهي پهتو ۽ سندس موبائيل فون به بند آهي. پوليس جو چوڻ هو ته سندس گهروارن گمشدگي جو اطلاع ڏنو آهي پر اغوا جو شڪ ظاهر ناهي ڪيو. بدر جميل خلاف نيب ۾ مبينه ڪرپشن جي جاچ به هلندڙ هئي. مٿس سکر وومين ڊولپمينٽ پروگرام ۾ 5 ڪروڙ روپين جي گهپلي جو الزام هو. ان ڪيس ۾ سندس ضمانت به ٿيل هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته هو ڳولا ڪري رهيا آهن. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن کاتي جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو آهي ته هنن بدر مينڌرو کي گرفتار ناهي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورين ايجنسين کي هدايت ڪئي هئي ته کيس ڳوليو وڃي جيڪڏهن ڪنهن اداري کيس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي ته گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي. بدر جميل جي گهرواري جو چوڻ آهي ته هو ڪافي ڪمزور ٿو لڳي في الحال آرام ڪري رهيو آهي ۽ پوليس کي بيان ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.










