ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ انساني حقن بابت وفاقي سيڪريٽري عبدالخالق شيخ جي صدارت ۾ سنڌ صوبي ۾ انساني حقن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ جائزو اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ انساني حقن بابت صوبائي سيڪريٽري خالد چاچڙ، سنڌ انساني حقن ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال احمد دٿو، صوبائي گهرو کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ محترمه شبانه ڪوثر سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي.وفاقي سيڪريٽري وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اثرائتي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شهرين جي حقن جي تحفظ لاءِ طئي ڪيل قدمن تي بروقت عملدرآمد ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ صوبي جي سڀني ضلعن ۾ بنا ڪنهن دير جي انساني حقن جون ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن. انساني حقن بابت صوبائي سيڪريٽري خالد چاچڙ چيو ته عمرڪوٽ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ضلعي امن ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن.جناب عبدالخالق شيخ چيو ته سڀني صوبن کي انساني حقن لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورسز جا باقاعدي اجلاس منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ وفاقي وزارت کي ان جي نتيجن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي. عورتن جي حقن لاءِ قائم ڪيل ادارن بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ سينيٽر افنان الله خان جي صدارت ۾ 8 هين قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، ۽ عورتن لاءِ قائم ٿيندڙ ڪميشن جي چيئرپرسن ۽ ميمبرن کي 30 ڏينهن اندر نامزد ڪيو وڃي.بين المذاهب هم آهنگي بابت ڳالهائيندي، وفاقي سيڪريٽري چيو ته اسان کي بين المذاهب هم آهنگي پاليسي ۽ مذهبي رواداري سان لاڳاپيل حڪمت عملي کي جلد لاڳو ڪرڻو پوندو، ۽ انساني حقن جي وزارت، صوبائي کاتا ۽ اقليتن لاءِ قومي ڪميشن کي لاڳاپيل معاملن تي تيزي سان عمل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي کاتن کي ٽرانس جينڈر ماڻهن جي حقن لاءِ ٽرانس جينڈر پرسنز ايڪٽ تحت کنيل قدمن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي.










