شمشان گهاٽ جي وڻ ۾ ٽنگيل ڪپڙن کان آجو لاش هٿ

ميرپورخاص (سيد بشير شاھ) ٽنڊو جان محمد انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو انساني جان ڪپڙن کان آجو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، ٽنڊوجان محمدپوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڦاهو لڳل لاش جيڪي علائقي واسين ڏسي پوليس کي اطلاع ڪئي خود ڪشي يا قتل سوال بڻيل، اهڙي اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس سر زمين تي پهتي جتي هڪ انسان جي لاش وڻ ۾ ٽنگيل هئي جنهن کي پوليس کڻائي سول اسپتال ٽنڊوجان محمد آندو جنهن جي تلڇو نالي تصديق ٿي. جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. اهڙي خبرملڻ تي ٽنڊوجان محد ٿاڻي جي ايس ايڇ او اياز ڀٽي سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته لاش تلڇو ميگھواڙ نالي شخص جي سڃاڻ ٿي آهي شهرلڳ ٽائون ڪميٽي جي ڀرسان هندوئن جي مندر وٽ هڪ وڻ ۾ ٽنگيل هو جنهن جا ڪپڙا ۽ سگريٽ هيٺ پيل هئا جسم تي ڪو به نشان نه هو گلي ۾ ڦندولڳل هو. گھروارن کي اطلاع ڪئي هنن ٻڌايو ته ڪجھ وقت اڳ ڪنهن ڪنهن وقت دماغ چڪرائجڻ ڪري مندر جا چڪر ڪاٽيندو رهندو هو.پر هاڻ ٺيڪ هو مزدوري ڪندو هو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي. جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ هو ته هن مندر جي پاسي ۾ ڏينهن ڏٺي به ڪير نٿو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو