انساني ارتقا جي نظريي جي باني ڊارون بابت 10 نيون ڳالهيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني ارتقا جي جديد نظريي جي باني چارلس ڊارون جو نالو ته اوهان سڀني ٻڌو هوندو پر هن بابت زندگي جي 10 حقيقتن بابت گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي. اڄ اسين هتي اوهان کي دنيا جي اڪثر ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي حاوي رهندڙ انساني تاريخ جي با اثر ترين شخص چارلس ڊارون بابت ٻڌائينداسين. **برطانوي سائنسدان چارلس ڊارون پنهنجو جنم ڏينهن آمريڪي صدر ابراهم لنڪن سان گڏ ملهائيندو هو ڇو ته ٻئي 12 فيبروري 1809 تي پيدا ٿيا هئا.

چارلس ڊارون ۽ آمريڪي اڳوڻو صدر ابراهم لنڪن

اڄ جيڪو ڪجهه اسين پڙهون يا سائنسي تحقيق ڪريون پيا  اهو طريقو هن جو ئي ٻڌايل آهي. هن ئي اهو ٻڌايو ته دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قدرت جي ڊسڪوري اسانجي انتظار ۾ آهي.**چارلس ڊارون ڪالج مان ڊراپ ٿيو هو، سندس والد ڇاهي پيو ته هو ڊاڪٽر ٿئي ۽ هن ايڊن برگ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي جتان تعليم ڇڏي بعد ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي جي ڪرائيسٽ ڪالج مان آرٽس ۾ گريجوئيشن جي ڊگري ورتي. هو هڪ خود آموز ماڻهو هو ۽ روايتي تعليم کان وڌيڪ هن خود ساخته انداز ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. ** هو هائيڪنگ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ جواني ۾ پهاڙن تي چڙهڻ يعني هائيڪنگ دوران پوپٽ جمع ڪندو هو.** ڪالج واري زماني ۾ هن جي هڪ گرل فرينڊ هئي جنهن سان هو ڀرپور سيڪس ته ڪندو هو پر هن سان شادي نه ڪيائين. هن تي هو پنهنجي تحقيق سبب توجه به گهٽ ڏيندو هو. جنهن سبب اها ڇوڪري هن کي ڇڏي وئي ۽ ٻئي همراهه سان شادي ڪيائين. شادي بابت ڊارون جو خيال هو ته ان سان آزادي محدود ٿي ويندي، ٻار ٿيندا ۽ گهر ٻار جي ذميواري وڌي ويندي. آخر ڪار مائٽن هن جي سڳي سوٽ ايما نالي ڇوڪري سان شادي ڪرائي جنهن مان کيس 10 ٻار هئا، جن مان 3 بيمارين سبب فوت ٿي ويس ۽ باقي به بيمارين جو شڪار رهيا.** آفريڪا جي سفر تان جڏهن هو موٽيو ته بيمار ٿي پيو * ڊاڪٽرن کيس ڳچ عرصي تائين آرام جو مشورو ڏنو ۽ ان دوران هو زال سان گڏ بيڪ گامن گيم (پٿرن واري) کيڏندو هو. **هن 1831 کان 1836 تائين دنيا جي چئن کنڊن جو دورو ڪيو، ماڻهن، سندن ڪلچر، مذهب، وڻن، ٻوٽن، پکين، جيتن، پوپٽن مطلب ته قدرت جي مختلف تخليقن جو بغور مطالعو ڪيو جنهن جي بنياد تي هن جڳ مشهور ڪتاب“ اوريجن آف اسپيشز” لکيو جنهن ۾ انساني ارتقا جي جديد تاريخ بيان ڪندي چيو ته انسان جو موجوده روپ گوريلا جي ارتقائي عمل جو نمونو آهي. گوريلا ڀولن جو هڪ نسل آهي جيڪو ذري گهٽ انسان نما آهي. هن پنهنجو اهو ڪتاب شايع ڪرڻ کان لنوايو پئي ۽ ماڻهن جي رد عمل کان ڊنل هو ۽ اهو ئي سبب هو ته هن 12 سال انتظار ڪيو ۽ بعد م شايع ڪرايو. ** چارلس ڊارون جواني تائين پڪو عيسائي هو ۽ بائيبل جو هر لفظ خدا جو حڪم سمجهندو هو پر جڏهن هن دنيا جو مشاهدو ڪيو ته سندس راءِ تبديل ٿي ۽ هو ملحد ٿي ويو هو. **هو جانورن جي کلن کي صدين تائين محفوظ ڪرڻ جو هنر به ڄاڻندو هو  جيڪو هن هڪ آزاد ٿيل غلام جان ايڊمونسٽون کان 40 ڏينهن ۾ روزانو هڪ ڪلاڪ جي تربيت دوران سکيو هو.**چارلس ڊارون جو دنيا جنم ڏينهن “ڊارون ڊي” نالي سان ملهائيندا آهن.

چارلس ڊارون ۽ سندس زال ايما

هن جو فوٽو برطانوي 10پائونڊ جي نوٽ تي 2000 کان 2017 تائين شايع ٿيندو رهيو. هن جو گهر نيچرل سائنسز جي يونيورسٽي “دي ڊارون” ۾ تبديل ڪيو ويو. هن جي قبر لنڊن ۾ ويسٽ منسٽر ۾ اضحاق نيوٽن جي ڀر ۾ آهي. هن جي زندگي جا آخري لفظ هئا ته سائنسدان جي ڪا خواهش ناهي هوندي هو پٿر دل انسان هوندو آهي، نيوٽرل هوندو آهي، حقيقت پسند هوندو آهي ۽ سچ جي ڳولا لاءِ ايئن ئي هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو