انجيلا مرڪل مسلسل نائون ڀيرو دنيا جي بااثر عورت قرار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني عالمي مقابلي انڊيڪس هلندڙ سال جي 10 بااثر عورتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق جرمن چانسلر انجيلا مرڪيل مسلسل نائون ڀيرو به دنيا جي طاقتور ترين عورت قرار ڏني وئي آهي. اڪنامڪ، آرٽس، ثقافت، سائنس و ٽيڪنالوجي سميت ڪيترن ئي شعبن جي فهرست تيار ڪندڙ اداري ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني عالمي مقابلي انڊيڪس سڄي دنيا جي 10 طاقتور ۽ بااثر عورتن جي لسٽ جاري ڪئي آهي پر ان لسٽ ۾ ڪو به ايشيائي عورت شامل ناهي ٿي سگهي. دي ورلڊ انڊيڪس مطابق جرمن چانسلر انجيلا مرڪيل هلندڙ سال جي سڀ کان بااثر عورت قرار ڏني وئي آهي. ان کان علاوهه ڪرسٽين ليگارڊ، نينسي پلوسي، يورسيولاوون ڊيرلين، ميري بارا، ميلنڊا گيٽس،ايپي گيل جانسن، گيني روميٽي، ميري ليوهوسن کي به 10 بااثر عورتن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو