انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ پاران سي او او واٽر بورڊ جي اعزاز ۾ آجياڻو

انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ پاران سي او او واٽر بورڊ جي اعزاز ۾ آجياڻو

ڪراچي: ( اسٽاف رپورٽر) انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ طرفان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي مقرري جي خوشي ۾ آجياڻو جڏهن تہ ريٽائرڊ آفيسرن اڳوڻي ايم ڊي واٽر بورڊ ميڊيم فريده سلام، ڊائريڪٽر ٽيڪس انڊسٽريز سهيل خالد، ڊائريڪٽر ٽيڪس ضلعو سينٽرل عبدالعزيز کوسو، ڊائريڪٽر ايڊمن سجاد حيدر جي رٽائرمينٽ جي سلسلي ۾ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب جو مهمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم هو، تقريب ۾ واٽر بورڊ جي سينيئر آفيسرن سميت انجنيئرز ۽ آفيسرز ايسوسيئيشن جي سمورن عهديدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن پاران انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ انجنيئر اسد الله خان جي مقرري کي اداري سميت آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ سٺو فيصلو قرار ڏنو، تقريب جي موقعي تي صدر انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن نديم احمد ڪرماڻي چيو تہ سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ جي مقرري سان واٽر بورڊ ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن شعيب تغلق پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ جي صلاحيتن سان ٻين آفيسرن ۽ ملازمن کي وڌيڪ سکڻ جو موقعو ملندو، تقريب کي خطاب ڪندي فنانس سيڪريٽري انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن محمد ثاقب چيو تہ مون کي اميد آهي تہ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ انجنيئر اسدالله خان جي نگراني هيٺ واٽر بورڊ پنهنجو نالو اڃان وڌيڪ روشن ڪندو، تقريب جي مهمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم چيو تہ سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ جي مقرري سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جو نظام بهتر ٿي رهيو آهي، هن چيو تہ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ انجنيئر اسد الله خان جي نگراني ۾ واٽر بورڊ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي، جڏهن تہ ٻنهي آفيسرن سميت واٽر بورڊ جي ٻين عملدارن جون شهر لاءِ خدمتون ساراھ جوڳيون آهن، هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ نوان منصوبا شروع ڪيا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، تقريب کي خطاب ڪندي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد چيو تہ انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ پاران سٺي روايت کي برقرار رکيو آهي جنهن تي آئون کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو تہ انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جي سهڪار سان واٽر بورڊ فيملي پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا، هن چيو تہ سمورن آفيسرن، انجنيئرن ۽ ٻين ملازمن سان گڏجي واٽر بورڊ کي هڪ مثالي ادارو بڻايو ويندو، هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ سنجيده آهي، تقريب دوران سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ آئون انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ جي سمورن عهديدارن جو ٿورائتو آهيان جن هميشہ وانگر پنهنجي پراڻي روايت کي برقرار رکندي شاندار تقريب منعقد ڪئي، هن چيو تہ شهرين سميت اداري جي آفيسرن ۽ ملازمن جي خدمت ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي هن وڌيڪ چيو تہ وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن وارو وزير صوبائي جي هدايتن تي عمل ڪندي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيا آھيون، تقريب جي پڄاڻي تي انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن پاران انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ انجنيئر اسدالله خان کي مبارڪباد پيش ڪندي شيلڊ ۽ گلدستا ڏنا، جڏهن تہ ريٽائرڊ آفيسرن کي شيلڊون، گلدستا ۽ تحفا پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو