انجنيئرجي زال پاران تشدد تي ماسين جو ڌرڻو، معافي جو مطالبو

میرپورماٿيلو)رپورٽ ظھيروسير) اينگرو فيڪٽري جي رهائشي ڪالوني اندر ڪم ڪندڙ عورتن اينگرو ڪالوني جي رهائشي ڪالوني جو مک گيٽ بند ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مائي ٻيجل چيو ته ٻن سالن کان وٺي مان ۽ منهنجي ڌيءَ چارهزار پگهار تي اينگرو جي انجنيئرنعمان جي گهر ۾ صفائي ۽ رڌ پڇاء جوڪم ڪنديون آھيون. اسان هڪ ڏينهن موڪل ڪئي ۽ ڪم تي نه وياسين ۽ اڄ جيئن اسين سندس گهر پهتاسين ته هن جي گهرواري وردا بيبي مونتي ڪاوڙجي پيئي ۽ مون کي گهر جي فرش تي ڌڪو ڏنو ۽ تشدد ڪيو، مان ڪري پيس. هن چيو ته اسين به انسان آهيون پئسي ۽ مڙس جي عهدي جي زور تي تذليل ڪرڻ بند ڪيو وڃي. گهرن ۾ ڪم ڪار ڪندڙ ماسين جي احتجاج سبب صبح سوير کان اينگرو ڪالوني جو مک گيٽ بند ٿيڻ ڪري ڪالوني ڏانهن ايندڙ ٽريفڪ متاثر ٿي آهي. عورتن جو ڌرڻو جاري آھي ۽ هنن معافي جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو