انتظاميه ڄاڻي ڪري عمران جي زندگي لاءِ خطرو وڌائڻ جي ڪوشش ڪري پئي:اسد

انتظاميه ڄاڻي ڪري عمران جي زندگي لاءِ خطرو وڌائڻ جي ڪوشش ڪري پئي:اسد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر الزام هڻندي چيو آهي ته اسلام آباد انتظاميا ڄاڻي واڻي عمران خان جي جان کي خطرو وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته اسلام آباد انتظاميا عمران خان جي هيلي ڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ تي لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اجازت ڏيڻ کان انڪار جو ڪو به سبب نه ٻڌايو ڇو ته ڪو به نه ٿو ٿي سگهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسلام آباد انتظاميا ڄاڻي واڻي عمران خان جي جان کي خطرو وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو