انارڪي روڪيو، آزادي وٺبي، غلام بڻجي نه رهنداسين، مولانا

انارڪي روڪيو، آزادي وٺبي، غلام بڻجي نه رهنداسين، مولانا

لاهور(ويب ڊيسڪ) مولانا فضل الرحمان چيو ته مان اڄ اسٽيبلشمينٽ کي خبردار ٿو ڪرڻ چاهيان ته عوامي طاقت اڳيان هٽي وڃو ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي عوام ۽ اوهان آمهون سامهون ٿيو. ڪو به عوامي طاقت جو مقابلو ناهي ڪري سگهندو. هن چيوته زخم گهر پيا ٿيندا وڃن، پاڪستان اگر آهي ته عوام جي ڪري آهي، ادارا به عوام لاءِ آهن، جيڪڏهن ادارا عوام جي مقابلي ۾ ايندا ته حالتون خراب ٿينديون. مان مستقبل ۾ انارڪي ڏسي رهيو آهيان، انارڪي طرف حالتون و+ڻ کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته لاهور ۾ جنهن پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو اهو دنيا ڀر جي مظلومن ۽ مسلمانن جو آواز بنجڻ لاءِ ٺاهيو هو، اسانکي آزاد قوم بڻجڻو آهي، هن چيو ته حڪمرانن ڪشمير جو سودو ڪيو آهي. عمران ايترو ڪيس ڪمزور ڪيو آهي جو اسين اڄ ان جو دفاع نٿا ڪري سگهون. اسانکي آزاد قوم بنجڻو آهي، اسين ڪنهن جي غلامي لاءِ پيدا ناهيون ٿيا، 70 سالن کان برداشت ڪيوسين هاڻي نه ڪنداسين. هن چيو ته آئين تي مڪمل عمل ڪرائينداسين، پارليمان ڪنهن کي يرغمال بنائڻ نه ڏينداسين، آزاد عدليا قائم ڪنداسين، منضفاڻين چونڊن جو نظام آڻبو، 18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختاري جو تحفظ، ميڊيا جي آزادي يقيني بنائينداسين. هن چيو ته هڪ چينل خبر هلائي آهي ته جلسي ۾ ٽي چار هزار ماڻهو آهن، مان چوان ٿو ته پاڻي چڪي ۾ ٻڏي مرو. اسين جنوري جي آخر يا فيبروري جي شروع ۾ استعيفيٰ گڏ کڻي اسلام آباد وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو