دادو(ن سنڌيار) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي عدالت ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري فريادي ڌر پرويز چانڊيو، ام رباب چانڊيو عدالت نه پهتا جڏهن ته الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا گرفتار ٿيل جوابدارن ذوالفقار،مرتضيٰ، سڪندر ۽ ٻين کي حيدرآباد جيل مان دادو ڪورٽ پيش ڪيو ويو فريادي ڌُر نه اچڻ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ سبب ڪرمنل ٽرائيل ماڊل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










