سکر (جیرام بختیار پوري) سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ ميهڙ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي 3 گهرڀاتين جو قتل ڪيس اي ٽي سي ڪراچي بدران ميرپورماٿيلو منتقل ڪري ڇڏيو. ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته گهرڀاتين جا قاتل پ پ ايم پي اي ڀائر بااثر آهن حياتي کي خطرو آهي قتل ڪيس ڪراچي ۾ هلايو وڃي. عدالتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪبو. سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي عدالت ميهڙ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي قتل ٿي ويل ٽن گهرڀاتين والد مختيار، ڏاڏو ڪرم الله ۽ چاچو قابل چانڊيو جو قتل ڪيس اي ٽي سي سکر مان ڪراچي منتقلي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ام رباب چانڊيو جي درخواست رد ڪندي سندس گهرڀاتين جو قتل ڪيس اي ٽي سي سکر مان ميرپورماٿيلو منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڳ ۾ ڪيس اي ٽي سي سکر جي جج آنند رام وٽ هلندڙ هو جنهن بابت ام رباب چيو هو ته هو جج نامزد جوابدار ايم پي اي ڀائرن جي تڪ سان تعلق آهي.










