دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ايندڙ ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي فتوا ٻڌائڻ جا امڪان آهن ان موقعي تي ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الحمدالله سموريون گواهيون سمورا ثبوت عدالتن کي ڏئي چڪا آهيون هاڻي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، فتوا ايندڙ مهيني جي 30 مارچ تي ٻڌائي ويندي.پُر اميد آهيون ته فيصلي ۾ تاريخي هوندو مان هڪ نياڻي ٿي ڪري پنهنجي خاندان ۽ پاڻ ٿيل زيادتين خلاف مسلسل 8 سال هلندي رهيس، نوشهروفيروز، سکر ميرپورماٿيلو کان دادو تائين ڪيس جي پيروي ڪئي حاضريون ڪاٽيندي رهي آهيان سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن تائين چڪر ڪاٽيندي رهيس قانون ۽ آئين جي آسري ڀوتارن جاگيردارن کي اکيون ڏيکاري بيهي رهياسين هن فيصلي ۾ سردارن کي ڦاسي جي ڦندي تي ڏسنداسين، جيڪي اسان سان زيادتيون ٿيون آهن، اسان جي خاندان کي يتيم ڪيو ويو جج صاحبان يقينن خدا کي حاضر ناظر سمجهي فيصلو ڏيندا منهنجو ڏاڏا بابا ۽ چاچا وارا واپس ته نه ايند مگر فيصلي سان زخمن کي مرهم ضرور لڳندو 30 مارچ تي اينداسين قاتلن جو بچڻ ممڪن ته نه آهي، عدالتن جو فيصلو قبول هوندو،










