ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس جو مک جوابدار ڪشمور مان گرفتار

ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس جو مک جوابدار ڪشمور مان گرفتار

ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو )ڪشمور ڀرسان ٽرائي بارڊر ايريا  ديرا موڙ جي ويجھو ڪشمور پوليس ذوالفقارچانڊيو کي ان وقت گرفتار ڪري ورتو جڏھن هو بلوچستان ڏانھن فرار ٿي رھيو ھو ته ڪشمور ۽ گڊو پوليس گڏيل ناڪابندي ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آھي ياد رھي ته ذوالفقار چانڊيو ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ روپوش ھو اڄ ڪشمورپوليس کيس گرفتار ڪري ورتوآھي  جڏھن ان باري ۾ ڪشمور جو ايس ايس پي امجد شيخ سان فون تي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ڪشمور پوليس ميھڙ واري واقعي جي روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو کي ان وقت گرفتار ڪري ورتو جڏھن بلوچستان وايا سوئي رستي فرار ٿي رھيو ھو . ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڏھ لک انعام به رکيل ھو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو