ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق چوي ٿو ڪنهن جي سامهون روئي، مان چوان ٿو آئيني ڏي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي زيدي چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت تائين شهر مان ڪچرو گڏ نه ڪيو آهي، مڪاني چونڊون به نه ڪرايون ويون، اڳوڻو ميئر اقتدار سنڀاليندو رهيو.علي زيدي چيو ته ڪراچي ۾ ٻين پارٽين جا ميئر آيا پر اسان فائر برگيڊ ڏني، 2019ع ۾ مون وزير هئڻ جي نالن جي صفائي ڪرائي، اسان 35 ارب رپيا خرچ ڪري نالن جي صفائي ڪئي، ڪراچي ٻيهر ٻڏي ويندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ وفاق جيڪو ڪري سگهي ٿو، اسان اهو ڪيو.










