امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم

امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا پر پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ڪراچي ۾ نيول اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ پريڊ ۾ عورت ڪيڊٽس جي شموليت ڏسي خوشي ٿي، عورت ڪيڊٽس پاڪستان جي ٻين عورتن لاءِ مشعل راهه آهن. هن چيو ته پيشيوراڻا معاملا بهتر انجام ڏيڻ پاڪستان نيوي جي روايت رهي آهي، نيول اڪيڊمي دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي به بهترين تربيت فراهم ڪري رهي آهي، دوست ملڪن لاءِ هي ڪيڊٽس پاڪستان جي سفير جو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ميري ٽائم بارڊرز جي حفاظت ۾ پاڪستان نيوي جو اهم ڪردار آهي، ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ تي قوم کي هٿياربند فوج تي فخر آهي. شهباز شريف چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا پر پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو