امن مان خراب، مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز بدلي

امن مان خراب، مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز بدلي

نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد عمراڻي)ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف حسين لغاري امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪجھ ايس ايڇ اوز جي مقرري ۽ بدلي ڪري ڇڏي آھي،مليل ڄاڻ موجب مجيب الرحمان ناريجو کي ڪورائي پوليس ٿاڻو،بشير زرداري کي درياء خان مري پوليس ٿاڻو،علي نواز ملاح کي قمر الدين پوليس ٿاڻي تي مقرر ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ڪورائي پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او  سڪندر علي چانگ کي لائين ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم  ڏنو ويو آھي ھوڏانھن بدلي ٿيڻ بعد  ايس ايڇ اوز پنھنجي پنھنجي ٿاڻن تي پھچي چارج وٺي ڇڏي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو