ٽيڪساس (پ ر) پوري امريڪا جيان ٽيڪساس رياست ۾ به چونڊ سرگرميون عروج تي آهن. ان سلسلي ۾ ٽيڪساس جي گورنر گريگ ايبٽ امريڪا ۾ ٿيندڙ چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڊسٽرڪٽ 26 جي ريپبلڪ اميدوار جيسي جيٽان جي چونڊ مهم لاءِ مقامي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شھرين سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هن سنڌي ڪميونٽي ۽ سماجي اڳواڻن محمود ڏاهري، اسد علي شيخ ۽ ڪاشف سومرو سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسد شيخ ٽيڪساس جي گورنر کي سنڌي ثقافت جي عڪاس اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. ٽيڪساس ۾ رهدڙ سنڌين جي نمائندي وفد گورنر کي هزارين سال پراڻي سنڌي ثقافت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مسٽر ايبٽ آيل وفد جا ٿورا مڃيا ۽ ناليواري بزنس مين ۽ مقامي ريبلڪن اڳواڻ محمود ڏاهري سان سندس نوجوان پٽ جي وڇوڙي تي تعزيت ڪندي دلي ڏک جو اظهار ڪيو.
مشهور خبرون










