مٺي(لياقت نھڙيو) صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي ۾ انٽر ڪلاس جي امتحانن دوران سوين شاگردن کان اپريل مهيني ۾ جمع ڪرايل ٽچ موبائيل فون واپس نه ڪيا آھن موبائيل فون واپس ڪرڻ جي صورت ۾ وڏي رشوت طلب ڪئي آھي. جنهن ڪري شاگردن توڙي سندن وارثن بورڊ آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪيتري ئي عرصي کان دربدر ٿيڻ بعد مٺي جي صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري دوران شاگردن ۽ سندن وارثن ساجن چارو ۽ ٻين دانهيندي چيو آھي ته بورڊ انتظاميا شاگردن کان جمع ڪيل سوين موبائيل فون واپس ڪرڻ بدران مختلف بهانا ڏئي پنهنجي استعمال لاءِ رکي ڇڏيا آهن في موبائيل فون جي قيمت 20 هزار کان وڌيڪ آھي جيڪي موبائيل فون انٽر ڪلاس جي امتحانن واري ڏينهن بورڊ طرفان مقرر ڪيل انتظاميا ڪاليج جي انتظاميا سان ملي جمع ڪيا هئا جيڪي امتحان ختم ٿيڻ بعد واپس ڏيڻ جو چيو هو پر نه مليا آهن. هنن چيو ته اسان موبائيل واپس ڪرائڻ لاءِ بورڊ انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن پر ڪا به ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته موبائيل فون واپس ڏئي تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي ڪنٽرولر خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌائڻ سان گڏ عدالت ۾ پڻ وينداسين.










