ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي صدر ريون ريولن متحده عرب امارات جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد کي بيت المقدس (يروشلم) جي دوري جي دعوت ڏني آهي. اسرائيلي صدر ٻنهي ملڪن ۾ تعلقات معمول تي آڻڻ لاءِ ٿيل معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي سندس تعريف به ڪئي.
هن کيس لکيل خط ۾ چيو آهي ته اوهان عقلمندي جو مظاهرو ڪندي دور انديشي سان اهو فيصلو ڪيو آهي جيڪو ايندڙ نسل ياد رکندا.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ملڪن ۾ امن معاهدو ٿيو هو جنهن موجب سفارتي تعلقات بحال ڪيا ويا. فلسطين، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ان معاهدي جي مخالفت ڪندي چيو هوته متحده عرب امارات مسلمانن ۽ خاص ڪري فلسطينين سان دوکو ڪيو آهي.
اسرائيلي صدر اميد ظاهر ڪئي هئي ته بحرين ۽ عمان به جلد تعلقات جي بحالي لاءِ اپاءَ وٺندا. پاڪستان ان باري ۾ محطاط رد عمل ظاهر ڪندي ان کي ٻطرفو معاملو قرار ڏنو هو.










