اليڪشن ۾ ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي: شيخ رشيد

اليڪشن ۾ ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد عوام کي ايندڙ چونڊن بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي.ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد موجوده حڪومت جي 50 ڏينهن جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪئي.هن لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ڏوهن ۽ گرفتارين جي گهيري ۾ آهن، گيهه جي قيمت ۾ 250 رپيا واڌ سندن 50 ڏينهن جي ڪارڪردگي آهي.عوامي مسلم ليگ سربراهه وڌيڪ لکيو ته قوم 19 جون کان اڳ پنهنجا ووٽ چيڪ ڪري، اليڪشن ۾ ڌانڌلي شروع ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو