اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.اليڪشن ڪمشنر پنجاب ٽرانسفر پوسٽنگ کانسواءِ نون ترقياتي منصوبن تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ٻين آفيسرن کي خط به جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ اڳوڻي وزيرن کي پروٽوڪول سميت سرڪاري گاڏيون واپس وٺڻ ۽ سرڪاري گاڏيون خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. رهائش، سرڪاري هاسٽل ۽ گيسٽ هائوس ٺاهيا ويا آهن اليڪشن ڪميشن مانيٽرنگ سيٽ اپ کي به معمول جو ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.










