اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران لڳايل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر تي بي بنياد الزام هنيا، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪري ٿي.










