اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن موجب مختلف سياسي جماعتن جي درخواستن تي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ امڪاني اميدوارن جي چونڊ عمل ۾ شموليت لاءِ به تاريخ وڌائي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ هر ممڪن سهولت لاءِ تاريخ وڌائي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون هاڻ 9 آڪٽوبر 2024 تي ٿينديون، جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ 28 آگسٽ تائين وڌائي وئي آهي.










