ڪراچي(ن س) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي نااهلي جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏنو آهي. هي اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو. پنهنجي بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته عمران خان توشه خاني مان چوري ڪيل تحفا پنهنجي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيا. 2018، 2019 ۽ 2020 ٽن سالن تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪيل گوشوارن ۾ توشه خاني جي تحفن جو ذڪر ئي ناهي . صوبائي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان سياست مان گند صاف ٿي ويو. عمران خان جي گندي ذهنيت سان نوجوان نسل غلط رستو اختيار ڪري رهيا هئا. ھن چيو تہ عمران خان بد ديانت ثابت ٿي ويو. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي خلاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جا واضح ثبوت موجود آهن. ٻين تي الزام لڳائيندڙ اڄ پاڻ ڦاسي ويو آهي.










