اليڪشن کانپوءِ به معاشي بهتري نظر نٿي اچي: شبر زيدي

اليڪشن کانپوءِ به معاشي بهتري نظر نٿي اچي: شبر زيدي

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي جو چوڻ آهي ته ملڪ تيزي سان معاشي ناڪامي طرف وڃي رهيو آهي، ناڻي وارو وزير چوڻ تي مجبور آهي ته خزانو خالي آهي.لاهور ۾ جشن جون جي ٻئي ڏينهن به مختلف سيشن منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ بجيٽ ۽ معيشت بابت سيشن ۾ ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو ته پاڪستان ملڪي ۽ غير ملڪي قرض ادا نٿو ڪري سگهي، معاشي بهتري کانپوءِ به بهتري نظر نٿي اچي. اليڪشن کانپوءِ ايندڙ حڪومت هڪ سال کان وڌيڪ نه هلي سگهندي.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ تيزي سان معاشي ناڪامي طرف وڃي رهيو آهي، ناڻي وارو وزير چوڻ تي مجبور آهي ته خزانو خالي آهي، اسان ڀارت کان سبق ڇو نٿا سکيون؟تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين قيصر احمد شيخ چيو ته روينيو جا هدف حاصل نه ٿي رهيا آهن، اڳوڻي حڪومت 3 ارب ڊالر صفر جي شرح تي خرچ ڪيا.معيشت وينٽيليٽر تي آهي ۽ اسان هن جي شادي جي تاريخ طئي ڪرڻ چاهيون ٿا.ان موقعي تي سينيئر تجزيه نگار حامد مير چيو ته 9 مئي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جن کي به سياست کان ڌار ٿيڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو