ٺٽو(ڊر) ڊي آء جي حيدرآباد پير محمد شاھ چيو آھي ته اليڪشن ڊيوٽين ۾ پوليس مصروف هجڻ ڪري ڏوهارين هن موقعي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ٺٽي ۾ ڏينهن ڏٺي واپاري نوجوان شھزاد دراني جو بي رحماڻي نموني ڦر دوران قتل انتهائي افسوسناڪ واقعو آھي جنهن کي لساني رنگ نه ڏيئي شھيد جي وارثن ۽ ٺٽي جي شھرين توڙي واپارين انتھائي مثبت عمل ڪري قانوني رستو اختيار ڪيو آھي. ٺٽي ۾ 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان شھزاد دراني جي مڪلي تي وڇايل تڏي تي عذرخواهي بعد مقتول جي والد حاجي اسماعيل دراني ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي شيرازخان دراني ۽ واپاري اڳواڻن سان ڏک ونڍڻ بعد کين خاطري ڪرائي ته قاتل جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي. ان موقعي تي ميڍيا سان ڳالهائيندي ڊي آء جي حيدرآباد پير محمد شاھ وڌيڪ چيو ته ٺٽي شھر جي اندر امن و امان قائم رکڻ لاء پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي سسٽم کي وڌيڪ فحال بڻايو ويندو ۽ هن هاء پروفائيل واردات ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ۽ گرفتاري لاء ھٿ آيل سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان توڙي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي مدد حاصل ڪري ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ قانون جي رٽ کي ڪنهن به صورت ۾ چند ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته ڏوهاري ڪنهن به وقت منظرعام تي اچي واردات ڪري وڃن ٿا انهن ۾ ڪڏھن ڪڏھن تيزي اچي وڃي ٿي پر پوليس جي ذميواري آھي ته ڏوهارين کي گرفتار ڪري عوام کي تحفظ ڏيارڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ڪيس جي آئون پاڻ نگراني ڪري رهيو آھيان ۽ آء جي سنڌ کي وقتن بوقتن آگاهي ڏني پئي وڃي. اُن موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو ڊسٽرڪٽ تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جو صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي مٺا خان لاشاري ڪامران غني آل سنڌي پٺاڻ يوٿ تنظيم جا اڳواڻ رحيم خان دراني، محمد خان، محبوب شاھ، صلات خان، حبيب شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










