اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ ڏنل تاريخ تي نظرثاني جي درخواستن تي ٻڌني ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته چونڊن سان پنجاب خيبربختونخواه جي ڪروڙين عوام جا حق لاڳاپيل آهن عوامي مفاد 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ ۾ آهي اڱاري تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، وفاقي ۽ صوبائي پاران داخل نظرثاني درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي جي شروعات ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سجيل سواتي روسٽرم تي آيو هن عدالت کي ٻڌايو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت عدالت ۾ جيڪو جواب جمع ڪرايو اهو اسان کي هاڻي مليو آهي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته شايد تحريڪ انصاف جواب جمع ناهي ڪرايو جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن ڌر جي جواب جي ڪاپي ناهي ملي اليڪشن ڪميسن جي وڪيل اپيل ڪئي ته جوابن جو جائزو وٺڻ لاءِ موقعو ڏنو وڃي چيف جسٽس چيو ته اوهان پنهنجي درخواست تي ته دليل ڏيو ايندڙ ٻڌني تي ڪوئي نئون نقطو اٿارڻو هجي ته اٿاري سگهون ٿا اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيڻ شروع ڪيا وڪيل عدالت ۾ شڪايت ڪئي ته ڪوبه جواب پهريان کان مون کي فراهم ناهي ڪيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان اوهان جي مدد ڪريون ته جوابن ۾ ڇا چيو ويو آهي پهريان اهو ٻڌائڻو آهي ته ڪيئن نظرثاني درخواست ۾ نوان نقطا اٿاري سگهنجن سجيل سواتي دليل ڏنا ته نظرثاني درخواست جو دائرو آئيني ڪيسن ۾ محدود ناهي هوندو سپريم ڪورٽ جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو جڏهن ته گهٽائي نٿو سگهجي نظرثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو دائرو ديواني ۽ فوجداري ڪيسن ۾ محدود هوندو آهي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته بنيادي حقن لاءِ عدالت وڃڻ سول نوعيت جو ڪيس هوندو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اپيل ڪئي ته آرٽيڪل 184 (3) جي تحت ڪارروائي سول نوعيت جي ناهي ٿيندي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته آرٽيڪل 184(3) جو هڪ حصو عوامي مفاد ٻيو بنيادي حقن جو آهي جسٽس منيب اختر پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن چونڊن جو ڪيس هاءِ ڪورٽ مان ٿيندي اچي ها ته ڇا سول ڪيس نه ٿئي ها سجيل سواتي چيو ته هاءِڪورٽ جو آئيني اختيار سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ آهي جستس منيب اختر چيو ته چوندن سان پنجاب خيبرپختونخواه جي ڪروڙين عوام جا حق لاڳاپيل آهن عوامي مفاد ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ ۾ آهي هن چيو ته هاءِ ڪورٽ مان اپيل اچي ته اوهان مطابق عدالتي دائرو محدود آهي نظرثاني ڪيس ۾ اوهان جو موقف آهي ته دائرو محدود نه آهي جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا هي بنيادي حقن جي ڪيس سان فرق وارو ورتاءُ نه آهي، سپريم ڪورٽ ڇو پنهنجي دائري ۾ ابهام پيدا ڪري سجيل سواتي چيو ته آرٽيڪل 184 ۾ اپيل جو حق ناهي ڏنو ويو اپيل جو حق نه هجڻ جي ڪري نظرثاني جو دائرو محدود نٿو ڪري سگهجي هن چيو ته عدالت کي نطرثاني ۾ انصاف جي گهرجن کي نظر ۾ رکڻو آهي نظرثاني ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ نه پوڻ گهرجي آئيني ڪيسن ۾ نئون نقطو اٿاري سگهجي ٿو جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا اوهان جو دليل آهي ته 184(3) ۾ نظرثاني کي اپيل وانگر ٻڌڻي ڪئي وڃي جنهن تي وڪيل چيو ته بلڪل مان اهو ئي چئي رهيو آهي 184(3) ۾ نظرثاني اپيل اصل ۾ اپيل ئي هوندي آهي ڪيس ۾ نطرثاني جو دائرو محدود نه هئڻ گهرجي چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته اوهان دليلن ۾ وڏا سٺا نقطا اٿاريا آهن پر انهن نقطن تي عدالتي حوالا اطمينان جوڳا نه آهن جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اوهان جا دليل مڃيا وڃن ته نطرثاني ۾ نئين سر ٻڌڻي ڪرڻي پوندي آئين ۾ ناهي لکيو ته نظرثاني ۽ اپيل جو دائرو برابر هوندو اليڪشن ڪم،يشن جي وڪيل چيو ته آئين ۾ دائرو محدود به ناهي ڪيو ويو چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نظرثاني کي اپيل ۾ تبديل نه ڪريو آئين آرٽيڪل 184(3) ۾ اپيل جو حق ناهي ڏنو دائرو وڌائڻ لاءِ آئين واضح هجڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ 25 مارچ تي پي ٽي آئي اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب اسيمبليون جون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي فيصلي کي ڪالعدم قرارڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست دخل ڪري ڇڏي هئي جنهن تي 4 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي عدالت فيصلي ۾ چيوهو ته اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن کان مٿي نٿو وڃي سگهي اليڪشن ڪميشن جي غيرقانوني فيصلي سان 13 ڏينهن ضايع ٿيا آئين ۽ قانون اليڪشن ڪميشن کي تاريخ ۾ واڌ جي اجازت نٿو ڏي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏئي اختيار واري دائري کي اورانگهيو فيصلي ۾ چيو ويو ته صدر جي ڏنل تاريخ جو فيصلو بحال ڪيو وڇي ٿو 30 اپريل کان 15 مئي وچ ۾ صوبائي چونڊون ڪرايون وڃن.










