اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بدران معاملو هڪ ٻئي مٿان اڇلايو پيو وڃي:علوي

اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بدران معاملو هڪ ٻئي مٿان اڇلايو پيو وڃي:علوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ بهانا ڪيا پيا وڃن، ان ڪري خط لکڻو پيو،اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بدران معاملو هڪ ٻئي مٿان اڇلايو پيو وڃي. هڪ انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو ته آئين ۾ خاميون ڳولڻ بدران ان جو احترام ڪيو وڃي، نه ته آئين جي شقن کي ڪيئن هٽايو وڃي ۽ چونڊن ۾ ڊيڊ لاڪ کي منظم ڪيو وڃي. صدر عارف علوي چيو آهي ته اليڪشن لاءِ بهانا ڪيا پيا وڃن، ان ڪري خط لکڻو پيو. اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بدران معاملي کي هڪ ٻئي مٿان اڇلايو پيو وڃي، ائين لڳي رهيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ سان ئي ڪو ڏنڊ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو