اقتدار کان محرومي عمران خان کي ملڪ دشمني آڻي ڇڏيو: بچاءَ وارو وزير

اقتدار کان محرومي عمران خان کي ملڪ دشمني آڻي ڇڏيو: بچاءَ وارو وزير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي تقرير کي پاڪستان مخالف ٻولي قرار ڏئي ڇڏيو.هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته عمران خان اقتدار جي لالچ ۾ اهڙي جاءِ تي پهچي ويو آهي جتي وطن جي محبت جي ڪا حيثيت ناهي، سندس ذات پهرين ۽ آخري آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان جي ٻولي پاڪستان مخالفن جي ٻولي آهي، سندس ڪارڪنن جي تربيت جو بنياد نفرت ۽ ورهاست آهي، اقتدار کان محرومي عمران خان کي حب الوطني تي آڻي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو