ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ 2013ع جي عام چونڊن ۾ دبئي جا اقاما ظاهر نه ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سهيل انور سيال، سردار خان چانڊيو، اڳوڻي منظور حسين وساڻ ۽ ٻين کي نااهل ڪرائڻ بابت داخل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه خلاف داخل ڪيل درخواست تي سندس وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو جا دليل ٻڌڻ ڏنو. عدالت ڌرين جي وڪيلن کي چيو ته جيڪڏهن ڪا به ڌر چاهي ته 13 ڊسمبر تائين لکت ۾ اضافي دليل جمع ڪرائي سگهي ٿي. عدالت ناصر حسين شاهه کان اڳ فريال ٽالپر، سهيل انور سيال، منظور وساڻ، سردار خان چانڊيو ۽ ٻين خلاف داخل ڪيل درخواستن تي ڌرين جي وڪيلن جا اڳي ئي دليل ٻڌي چڪي آهي. جمعي تي عدالت ڄاڻايل درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي وڪيل ضمير گهمرو دليل ڏيندي چيو ته 2012ع تائين ناصر حسين شاهه وٽ اقامو هو پر ان کان پوءِ ناصر شاهه وٽ ڪو به اقامو ناهي رهيو جنهن ڪري سندس خلاف داخل ڪيل درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي جنهن کي رد ڪيو وڃي. ضمير گهمرو وڌيڪ چيو ته ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار لاڳاپيل اسيمبلي جي اسپيڪر کي حاصل آهي، هاءِ ڪورٽ ڪنهن اسيمبلي ميمبر کي نااهل قرار نه ٿي ڏئي سگهي جنهن بعد عدالت ڄاڻايل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪندي چيو ته ڌريون چاهن ته اهي 13 ڊسمبر تائين لکت ۾ اضافي دليل جمع ڪرائي سگهن ٿيون. ياد رهي ته مختلف علائقن جي رهواسين پاران فريال ٽالپر، ناصر حسين شاهه، سهيل انور سيال، منظور وساڻ ۽ سردار خان چانڊيو کي 2013ع جي چونڊن ۾ نامزدگي فارم ۾ دبئي جو اقامو ۽ مڪمل اثاثه ظاهر نه ڪرڻ تي کين نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون.










