افغان سفير جي ڌيءَ ڪجهه ڪلاڪِ گم ٿي هئي، شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف اسرائيل ۽ ڀارت جي هائبرڊ وار هلي رهي آهي، ممبي ۾ ڪرائم ناهن ٿيندا، ڀارتي ميديا افغان سفير جي ڌيءَ جي واقعي تي پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي،راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسان جي نظر ۾ افغان سفير جي ڌيءَ جو ڪيس اغوا جو ناهي، افغان سفير جي ڌيءَ لاپتا هجڻ جو ڪيس آهي، اسان جي جاچ موجب ڪنهن به ٽيڪسي ۾ ڪو به ماڻهو ناهي ويٺو، هن چيو آهي ته افغان سفير جي ڌي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ لاپتا ٿي ۽ ان دوران هن 4 مقامي ٽيڪسيون تبديل ڪيون جنهن جو مطلب آهي ته هي امن امان جو مامرو نه آهي، پاڪستان جا ادارا هن ڪيس جي جاچ ۾ لڳل آهن، هڪ سفير جي ڌيءَ اسان پنهنجي ڌيئرن جي برابر آهي، حڪومت هي ويس وڙهندي ۽ ان جو انتظار ڪندي ته هو اچي ڪري سڃاڻپ ڪري، هن چيو آهي ته داسو واقعي جي جاچ اعليٰ ترين سطح تي ڪئي پئي وڃي، جاچ ادارا لاهور واقعي جي طرح داسو واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن، لاهور جي ڪيس کي 16 ڪلاڪن جي اندر پڪڙيو هو، شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم جي دوران مريم نواز مودي جي بجاءِ عمران خان خلاف ڳالهيون ڪري رهي آهي، هوءَ مودي جي خلاف ڪجهه به نٿي ڳالهائي، مريم نواز ڪشمير ۾ به غير پارلياماني زبان استعمال ڪري رهي آهي، مان مريم نواز جي خلاف ڪڏهن به غير شائسته زبان استعمال ناهي ڪئ

پهنجو تبصرو موڪليو