دهشتگردن جي حملن ۾ شهيد ٿيلن جي فوجي اعزاز سان تدفين

اسلام آباد(اياز مهر) گذريل ڏينهن وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ شهيد ٿيل فوجي اهلڪارن جي آچر تي پنهنجي پنهنجي اباڻن علائقن ۾ فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي. بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن عاقب جاويد کي سرگوڌا، سپاهي محمد بچل اوڳاهي کي ڪنڌ ڪوٽ لڳ دفنايو ويو. ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب وزيرستان واري علائقي ۾ دھشتگردن جي حملي ۾ شھيد ٿيل محمد بچل اوڳاھي کي ڳوٺ صوڀو اوڳاھي ۾ فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ فوج، رينجرس ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شھيد محمد بچل اوڳاھي جي سوڳوارن ۾ ھڪ بيواهه 6 پٽ ۽ 3 نياڻيون شامل آهن. ڇنڇر تي اتر وزيرستان جي علائقي گرباز ۾ فوج جي گشتي پارٽي تي افغانستان مان دهشتگردن جي حملي ۾ 6 فوجي شهيد ٿي ويا هئا. فوج جي تعلقات عامه جي شعبي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته شهيد ٿيلن ۾ حوالدار خالد، سپاهي نويد، بچل، علي رضا، بابر، ۽ احسان شامل آهن. جڏهن ته ترجمان ميجر جنرل آصف غفور موجب بلوچستان جي سرحد لڳ هڪ بئي حملي ۾ ڪيپٽن عاقب، سپاهي نادر، عاطف الطاف، ۽ حفيظ الله شهيد ٿي ويا هئا. هن چيو ته بلوچساتن جي سرحد محفوظ بنائڻ بعد دشمن فورسز حملا ڪري رهيون آهن. ٽوئٽ ڪيل پيغام ۾ هن وڌيڪ ٻڌايو هو ته بلوچستان جي حشاب ۽ تربت ۾ فرنٽيئر ڪور جي جوانن تي حملو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو