ميلبورين(اسپورٽس ڊيسڪ)پاڪستاني مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد آسٽريلوي سرزمين تي ٽي 20 اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ وارو پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ ۾ افتخار احمد 4 ڇڪن جي مدد سان 34 بالن تي 51 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ افتخار احمد ڪينبرا ۾ آسٽريليا خلاف 3 ڇڪا هنيا هئا.ان کان علاوه ڪامران اڪمل 2010 ۾ ميلبورن ۾ ۽ بابر 2019 ۾ سڊني ۾ ٻه ڇڪا هنيا.ياد رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميلبورن ۾ کيڏي پئي وڃي.










