راڻيپور (نديم شيخ ) ڳوٺ قاضي ڀٽا جو رهواسي نوجوان آصف علي ڀٽو جي مبينا طور اغوا ٿي وڃڻ خلاف نوجوان جي وارثن سڪندر علي ڀٽو، امتياز علي ڀٽو، نياز علي نوحو پوٽو، حافظ امان الله ڀٽو نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو نوجوان آصف علي ڀٽو پنج ڏينهن اڳ صوڀوديرو ڪنهن ڪم سانگي ويو ته واپس ناهي آيو سندس موبائيل فون به مسلسل بند آهي اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي. اهڙي واقعي جي صوڀوديرو ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي پر پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو اسان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. اسان آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ٿا ڪيون ته نوجوان کي بازياب ڪرائي اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.










