اغوا ٿيل ناري ٻن هفتن بعد پوليس بازياب ڪرائي ورتي

اغوا ٿيل ناري ٻن هفتن بعد پوليس بازياب ڪرائي ورتي

سيٺارجا(سجاد علي ڪٻر) هنڱورجا پوليس 14 ڏينهن اڳ مبينه طور تي شهر جي لاڙڪ محلي ۾ اغوا ٿيل شادي شده ناري مسمات ڪومل زال گلاب علي لاڙڪ کي رسول آباد بس اسٽاپ وٽان هٿ ڪري ورتو. جنهن کي سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ بيان لاءِ پيش ڪيو ويو ليڪن ان جو بيان نه ٿي سگهيو ۽ ڪورٽ ناري کي وومين پوليس خيرپور حوالي ڪندي هنڱورجا پوليس کي هدايت ڪئي ته ناري کي ٻيهر 16 گسٽ تي بيان لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ورتل ڄاڻ موجب 27 جولاءِ تي ناري ڪومل جي ڀاءُ دلدار لاڙڪ پاران هنڱورجا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو هيو ته جوابدار راجا شيخ ، بخش علي  ۽ طالب شيخ سندس ڀيڻ کي زبردستي  جنسي حوس جو نشانو بنائڻ جي ارادي سان اغوا ڪري ويا آهن جنهن کي اڄ پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار اڳ ۾ ئي پوليس جي حراست ۾ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو