اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

خانپورمهر (رپورٽ آفتاب سيال) خانپورمهر مان مبينا طور اغوا ٿيل ناري ڪونج ملڪ بازياب نه ٿي، ناري جي وارثن جو احتجاج، ايس ايس پي گهوٽڪي کان ناري بازياب ڪرائڻ جو مطالبو خبر موجب خانپورمهر لڳ ڳوٺ چڪ سيال مان 4 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري ڪونج ڌي گلاب ملڪ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي مبينا طور اغوا ٿيل ناري ڪونج ملڪ جي وارثن ناري جي والد گلاب ملڪ، غفار، مسمات اميران ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ناري جي بازيابي لاء احتجاج ڪيو ان موقعي تي مظاھرين چيو ته جوابدار نياز، اصغر ۽ اعجاز پتافي اسان جي ڇوڪري کي هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن خانپورمهر پوليس اسان جو ڪيس به داخل نه ٿي ڪري نه وري ناري جي بازيابي لاء پوليس ڪو قدم کڻي ٿي مظاھرين ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان جي ناري ڪونج ملڪ کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو