اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اعليٰ عدليه جي ججز جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي سفارش تي صدر آصف علي زرداري طرفان سمري جي منظوري کان پوءِ سپريم ڪورٽ ججز جون پگهارون ۽ مراعتون وفاقي آئيني عدالت جي ججز جي برابر ڪيون ويون، هاءِ ڪورٽ ججز جي بنيادي پگهارن ۾ به اضافو ڪيو ويو.اعليٰ عدليه جي ججز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ اضافي جو اطلاق 10 ڊسمبر 2025 کان ڪيو ويو آهي، گذريل عرصي جو مالي فائدو پڻ سپريم ڪورٽ جي ججن کي ڏنو ويندو، جڏهن ته اضافي جا رهيل واجبات پڻ ادا ڪيا ويندا.چيف جسٽس پاڪستان جي ماهوار بنيادي پگهار 15 لک 50 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ جي ٻين ججز جي ماهوار بنيادي پگهار 15 لک رپيا هوندي، سپريم ڪورٽ جي ججز جي بنيادي پگهار 11 لک مان وڌائي 15 لک رپيا ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي ججز جي جوڊيشل الائونس ۾ پڻ نمايان اضافو ڪيو ويو، جوڊيشل الائونس 11 لک 61 هزار 163 رپين مان وڌائي 15 لک رپيا مقرر ڪيو ويو. جوڊيشل الائونس ۾ تقريباً 3 لک 39 هزار رپيا ماهوار اضافو ٿيو.سپريم ڪورٽ جي ججز جي پينشن پيڪيج ۾ پڻ اهم تبديليون ڪيون ويون، پينشن بابت شق ۾ 70 سالن جي حد وڌائي 75 سال ڪئي وئي، لاڳاپيل شق ۾ 85 سالن جي حد پڻ وڌائي 90 سال ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ جي ججز لاءِ ماهوار هڪ لک 50 هزار رپيا ميڊيڪل الائونس پڻ مقرر ڪيو ويو.هاءِ ڪورٽ جي ججز جي بنيادي پگهارن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ جي ججز جي نئين پگهارن جو اطلاق پهرين جولاءِ 2026 کان ٿيندو، هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ماهوار بنيادي پگهار 12 لک 54 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ جي ٻين ججز جي ماهوار بنيادي پگهار 12 لک 5 هزار رپيا هوندي.هاءِ ڪورٽ جي ججز جي پگهار 10 لک 95 هزار مان وڌائي 12 لک 5 هزار رپيا ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ جي ججز جي بنيادي پگهار ۾ هڪ لک 10 هزار رپيا ماهوار اضافو ڪيو ويو. ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو چيف جسٽس رهندڙن لاءِ نئين سهولت متعارف ڪرائي وئي، رٽائرمينٽ يا اعليٰ عدالت ۾ ترقي جي صورت ۾ گاڏي رعايتي قيمت تي خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي، رٽائرڊ ججز کي وفاقي حڪومت جي ثالثي معاملن ۾ فيس وٺڻ جي اجازت پڻ ملي سگهندي.










