اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي سفارش تي 19 ڪروڙ پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث 8 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نيب جي سفارش تي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان نالا ڪڍڻ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس سان لاڳاپيل 8 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي ايل مان نڪتل ماڻهن ۾ وزيراعظم جو اڳوڻو سيڪريٽري اعظم خان، راجا منظور ڪياني ۽ عارف رحيم شامل آهن.انهن کان علاوه نويد اڪبر، سڪندر حيات، نثار محمد، غلام حيدر ۽ عارف نذير بٽ جا نالا به اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جا نالا 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ شامل ٿيڻ تي اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري هالي ووڊ بشرا بي بي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته فرح گوگي ۽ زلفي بخاري جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا.
اسٽريٽ ڪرائم گهٽجڻ جي دعويٰ،صوبي ۾ منشيات جو مڪمل خاتمو ڪنداسين
ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ خلاف درخواست تي اختيارين کي نوٽيس جاري
صحافي عبدالرئوف بروھي ياد ۾ قرآن خواني،مغفرت لاءِ دعا گهري وئي
ڌاٻيجي ۽ حب پمپنگ اسٽيشن تان معمول پاڻي فراهم جاري،واٽر بورڊ
واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس
جهلم درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت
پنجاب حڪومت جو لاهور ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان
جج وٽ ٻٽي شهريت سواليه نشان آهي؟ عدليه کي جواب ڏيڻو پوندو
بلاول سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون
رياست ناراض بلوچن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، فاصلا گهٽ ٿي سگهن ٿا
ماڻهن کي گم ڪندڙن خلاف موت جي سزا جي قانون سازي ٿيڻ گهرجي
ڳجهن ادارن جي اهلڪارن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي
آءِ ايم ايف جو بي آءِ ايس پي ۾ واڌ ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ تي زور
آزاد ڪشمير ۾ پرامن احتجاج ۾ ڪجهه شرپسند عنصر به شامل هئا
نيب ترميم ڪيس: عمران خان وڊيو لنڪ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش
سپريم ڪورٽ مان عمران خان جي تصوير وائرل، جاچ شروع
هفتو اڳ اغوا ٿيل پورهيت جي بازيابي لاءِ ڀُنگ طلب
آءِ ايم ايف طرفان ٽيڪسن جو حدف 11 هزار ارب روپين کان وڌيڪ رکڻ تي زور
جج ٿيڻ لاءِ پرڏيھي شھريت يا رھائش نااھليت ناھي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا مهانگو ۽ 278 رپيا 30 پئسا مهانگو ٿي ويو