لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ اعجاز چوڌري کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ان موقعي تي جيل اختيارين جو چوڻ هو ته هنن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي گهر مان کاڌو ۽ دوائون پهچائڻ جي اجازت ڏني.جيل عملدارن جو چوڻ هو ته جيل کي بي ڪلاس ڏيڻ جو ڪو به اختيار ناهي، رڳو گهرو کاتو ئي بي ڪلاس ڏئي سگهي ٿو.عدالت جيل اختيارين کي گهرو سيڪريٽري کي لکت ۾ اجازت وٺڻ جي هدايت ڪندي درخواست تي ٻڌڻي 16 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










