اعتزاز احسن مقدس اداري کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪري پيو: صفدر

اعتزاز احسن مقدس اداري کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪري پيو: صفدر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) (ن) ليگ جي اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر چيو آهي ته اعتزازاحسن مقدس اداري کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اعتزازاحسن قانون جي شاگردن کي غلط سبق سيکاريو آهي اعتزازاحسن پي ٽي آئي پاران سينيٽر بڻجڻ جي ڪوشش ۾ ايئن ڪري رهيو آهي هن چيو ته نوازشريف 40 سالن کان سياست ڪري رهيو آهي غلام اسحاق خان جي دور ۾ اپوزيشن ۾ به ويٺو هو هن چيو ته جاويد هاشمي 5 سيٽن تي وڙهيو هو ۽ کٽي ويو هو عمران خان 4 سيٽون ڇڏيندو اسان پوءِ کٽي وينداسين هن چيو ته هڪ سينيئر سياسي اڳواڻ اعتزازاحسن عدالتي فيصلي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي 4 سال اسان ڪيس وڙهيو ۽ عدالت فيصلو ڪيو اعتزازاحسن 40 سال وڪالت ڪرڻ کان پوءِ عدالت تي عدم اعتماد ڪري ڇڏيو هن چيو ته ايبٽ آباد ۾ منهنجي ڪيس تي معزز جج چيو ته هڪ پارٽي اپروچ ڪيو آهي هر ماڻهو فيصلي کان پوءِ هاڻي عدالت بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو هن چيو ته اعتزازاحسن مقدس اداري ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي خلاف ڳالهه ٻولهه ڪئي. سياچن تي ويٺل فوجي جي دل تي اعتزازاحسن جي بيان کان پوءِ ڇا گذرندي.

پهنجو تبصرو موڪليو