اشتعال انگيز تقرير ڪيس ۾ فاروق ستار بري

اشتعال انگيز تقرير ڪيس ۾ فاروق ستار بري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻن خلاف اشتعال انگيز تقرير ڪرڻ واري 3 ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌايو ويو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت فاروق ستار سميت 6 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.جوابدارن خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي ايم ڪيو ايم جي باني جي اشتعال انگيز تقرير ۾ سهولتڪاري جو الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو