شاهپور جهانيان (اسد جاني) ڳوٺ فتح علي پنهور جي پرائمري اسڪول ۾ ڪيتري ئي عرصي کان استاد مقرر نه ٿي سگهيو، استاد نه هجڻ ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب ڳوٺ توڙي آسپاس جي ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. ڳوٺاڻن حق نواز چانڊيو، ياسر نواز، ساگر، شاگردن صدف، سونيا، عروج ۽ ٻين احتجاج ڪرڻ بعد ٻڌايو ته هڪ پاسي دنيا تعليم طرف وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسي اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول جي عاليشان بلڊنگ باوجود استاد ۽ ٻيو عملو مقرر ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري معصوم ٻارڙا مال چارڻ ۽ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ جيڪي ٻار شاهپور جهانيان ، مورو يا ٻين شهرن ڏانهن پڙهڻ وڃن ٿا اهي روڊ ڪراس ڪري دولتپور شاخ پار ڪري وڃن ٿا جيستائين اهي واپس گهر نه ٿا پهچن تيستائين سندن وارثن جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي. ڪافي دفعا شاگردن سان حادثا پيش آيا آهن جنهن ڪري اسان جي معصوم ٻارڙن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کي شڪايتون دانهون ڏيڻ باوجود اسان جي اسڪول کي استاد ناهي ڏنو ويو جيڪو ٻارڙن کي پڙهائي ۽ سندن مستقبل بچائي. متاثرن سنڌ حڪومت، سيڪريٽري تعليم، وزير تعليم سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا اسان جي ڳوٺ فتح علي پنهور جي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري فرنيچر جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.










