اسڪول مان استاد غائب، پٽيوالو ٻارڙن کي پڙهائڻ لڳو

اسڪول مان استاد غائب، پٽيوالو ٻارڙن کي پڙهائڻ لڳو

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ڳوٺ نصير خان ڀيو جي مين پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ، استاد ڪيترن ئي ڏينهن کان غائب، شاگردن کي اسڪول جو پٽيوالو پڙهائڻ لڳو. روزاني سنڌ يار جي ٽيم اسڪول پهچڻ تي پنجين ڪلاس جي شاگردياڻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ هڪ ئي استاد آهي جيڪو اسڪول ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي سو به ٽائيم تي ڪونه پهچندو آهي اسڪول کي 2010 ۾ فرنيچر ڏنو ويو هو اهو فرنيچر ڳوٺاڻا گهر کڻائي ويا. هنن ٻڌايو ته هاڻ به اسين پنهنجن گهرن مان ڀڳل ٽٽل ڪرسيون کڻي هتي رکيون آهن جنهن تي ويهي تعليم پرايون ٿا. ٻارڙن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي سميت تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ نصير خان ڀيو جي مين پرائمري اسڪول کي فرنيچر ۽ اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي ته جئين اسان بهتر نموني سان تعليم حاصل ڪري سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو