اسڪول لاءِ عمارت ڏيو، ٻارن ۽ استادن جو مظاهرو

سوسائٽي(غلام رسول مھر) ڳوٺ شفيع آباد جي  پرائمري اسڪول جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون بلڊنگ سميت سھولتون نه ھجڻ ڪري پريشان، پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن .ڪيترن ئي سالن کان قائم اسڪول کي سرڪاري بلڊنگ نه ھجڻ ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت گرمي توڙي سردي ۾ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳا بلڊنگ سميت ٻيون سھولتون نه ملڻ ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي آھي ان سلسلي ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر صلاح الدين مھر استاد زبير احمد مھر سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي ھيڊ ماستر صلاح الدين مھر ٻڌايو ته 1997ع کان ھي اسڪول منظور شده آھي پر انتھائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گورنمينٽ ھن وقت تائين اسڪول کي بلڊنگ سميت ٻيو سھولتون ناھن ملي سگھيون ھن وڌيڪ ٻڌايو ھن اسڪول جي شاگردن توڙي شاگردن جو ٽيلينٽ پڻ مٿي موڪليل آھي جيڪو ھن علائقي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ڪافي بھتر آھي پر ان جي باوجود اسڪول کي بلڊنگ سميت سھولتون نه ٿيون وڃن گورنمينٽ سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته اسڪول کي بلڊنگ سميت ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن ته جئين مستقبل جي معمارن جي سٺي نموني تربيت ڪري سگھون           

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو