اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، 3 ٻارڙا زخمي

اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، 3 ٻارڙا زخمي

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول غوثپور جي نائين ڪلاس ۾ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٽي شاگرد الله رکيو مھر، عبدالوحيد ملڪ ۽ ثناءُ الله شيخ سخت زخمي ٿي پيا آهن. واقعي بعد اسڪول جي پرنسيپال مير ھزار نوناري زخمين کي شھرجي سرڪاري اسپتال موڪلي کين ابتدائي طبي امداد ڏئي گھر روانو ڪيو. اسڪول جي استاد دين محمد ڀيو، يوسف شاھ شمس الدين پنهور، برڪت ملڪ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارن کي اسڪول جي زبون حالي بابت ڪيترا ئي ڀيرا لکت ۾ ۽ روبرو دانھون ڪيون آھن هر ڀيري فرنيچر جي کوٽ ۽ اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏيڻ جو چيو  شاگردن سان گڏجي ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو آهي پر سواءِ دلاسن جي ھن مھل تائين ڪجھ به ناهي ڪيو ويو.

استادن توڙي شاگردن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي غوثپور جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ پوري ڪري اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو