فيض گنج (وسيم سولنگي) اسڪول مان نامعلوم چور بجلي جي تراسفارمر جون ڪوائلون ڪڍي ويا، ٽرانسفارمر ناڪارا ٿي ويو، شاگردن سخت گرمي سبب پوريسان ٿي روڊن تي نڪري آيا. استادن ۽ شاگردن ذوالفقار علي چانگ منظور چانگ شير علي زاهد راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ نيشنل هاوي ۽ اسڪول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيوته نامعلوم چور رات جي وقت اسڪول جي ٽرانسفارمر جون ڪوائلون ڪڍي فرار ٿي ويا آهن هنن چيوته اسڪول ۾ 5 سو شاگرد آهن ٽرانسفارمر ناڪارا هئڻ ڪري شاگرد توڙي شاگردياڻيون گرمي سبب پريشان آهن هنن گهر ڪئي ته چور جو پتو لڳائي اسڪول ۾ ٽرانسفارمر لڳائي ڏنو وڃي.










