اسڪول جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ملير (ڊر) گھگھر جي صابو بلوچ ڳوٺ ۾ بااثر شخص جي طرفان اسڪول جي زمين تي مبينا طور تي قبضو ڪري رستو بند ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو اسڪول جي زمين تي قبضو ڪري کپائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي اسڪول جي ھڪ ايڪڙ زمين پھرين ئي کپائي وئي آهي باقي بچيل زمين به ڦٻائي فروخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڳوٺاڻا، ڳوٺاڻن مبارڪ ڪلمتي ستار ڪلمتي رشيد، سليم، نظير، نبي بخش، رمضان، حاڪم، پنجايو سميت ڳوٺاڻن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته صابو ڳوٺ جو بااثر شخص دولت سڪندر ۽ سندس ڀائرن گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي جي زمين تي قبضو ڪرڻ سان گڏوگڏ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو به بند ڪري ڇڏيو آهي انهن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جي اسڪول ۽ ٻين فلاحي ڪمن لاءِ ڇڏيل زمين مان ھڪ ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين پھرين ئي کپائي وئي آهي جيڪا سرڪاري ٽائون انجنيئر امداد سولنگي جي قبضي هيٺ آهي ۽ ھاڻي به دولت سڪندر وڌيڪ بچيل زمين تي قبضو ڪري امداد سولنگي کي کپائڻ چاھي ٿو انھن جو چوڻ هو ته مذڪوره شخص وڏيرا شاهي کي برقرار رکندي تعليم دشمني تي لھي آيو آهي ۽ ٻارن جي تعليم جي لاءِ ڇڏيل اسڪول کي بند ڪرائڻ چاهي ٿو جيڪو ھرگز قابل قبول ناهي جڏهن ته شڪايت ڪرڻ تي اسان جي مٿان حملن جا ڪوڙا ڪيس ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان ڊي سي ملير سميت اعلي اختيارين کي درخواستون پڻ ڏنيون آهن آهن پر اڃان تائين ڪو به عمل نه ٿيو آهي انهن ايم پي اي محمد ساجد جوکيو ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ايس ايس پي ملير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺندي انھن سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو