اسڪول جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، ٺيڪيدار خلاف احتجاج

اسڪول جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، ٺيڪيدار خلاف احتجاج

ڳڙھي ياسين(ن سنڌيار) اسڪول تعميرات ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ، ٺيڪيدار خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري، ڪم صحيح ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو تعلقي ڳڙهي ياسين لڳ ڳوٺ لنڊي شريف ۾ اسڪول جي بلڊنگ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ لڳو، جنھن خلاف ڳوٺاڻن سراج احمد انڙ ، ڪامران انڙ، عبدالجبار انڙ، ارشاد انڙ، لکمير انڙ، صدام انڙ احتجاج ڪندي چيو تہ ڪجھ سال پھريان بہ اسڪول مليو ھو جنھن جو ڪم بہ صحيح نہ ٿيڻ ڪري بلڊنگ ڊھي پٽ پئجي ويئي هئي، اسين پنھنجي ڪوششن سان ٻيھر بلڊنگ منظور ڪرائي آھي جنھن جو ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار محمد علي معرفاڻي ڪم صحيح نه ڪري رهيو آهي ۽ باقي مٽيريل استعمال ڪري رهيو آهي، پراڻي ڪريل بلڊنگ مان نڪتل سرون استعمال ڪيون پيون وڃن، جنھن ڪري اسان جي ٻارڙن جي جانين کي خطروٿي سگهي ٿو ، اسين اعلیٰ عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ھن ٺيڪيدار کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ اسڪول جو ڪم تسلي بخش ڪرائي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو