اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري استاد شاميانا هڻي ٻار پڙهائڻ لڳا

اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري استاد شاميانا هڻي ٻار پڙهائڻ لڳا

پکو (عبدالوحيد ميئو) ڳوٺ بچو مغيري جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي سبب سوين معصوم ٻارڙا پڌري پٽ تي پڙهڻ لڳا آهن جڏھن ته اسڪول ۾  فرنيچر نه هجڻ ڪري ٻارڙا سخت سرديءَ ۾ به زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا آهن. استاد ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت شاميانا هڻي اسڪول کي هلائڻ لڳا. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن معشوق مغيري، پپن علي، اعجاز مغيري ۽ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي اسڪول جي انرولمينٽ 100 تائين آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي معصوم ٻارڙن کي اسڪول ۾ ڪي به بنيادي سهولتون ميسر نه آهن ويهڻ لا ڊيسڪون ناهن جنهن ڪري اهي پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور بڻيل آهن.

جڏهن ته استادن جي ويهڻ لاءِ به ٻه ڀڳل ۽ ٽٽل ڪرسيون آهن اسڪول جي بلڊنگ گذريل ڪيتري عرصي کان زبون ٿي ناڪاره بڻجي وئي آھي پر افسوس سرڪار ھن وقت تائين نئين بلڊنگ نه ٺھرائي ڏني آھي مجبورن اسان احتجاج ڪيا جنھن کانپوءِ ھڪ استاد مقرر ڪيو ويو پر اسڪول جي عمارت ناڪاره ھجڻ تي کليل ميدان تي شاميانا ھڻي ٻارڙن کي پڙھايو پيو وڃي. ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار، تعليم کاتي جي اختيارين ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فرنيچر جي کوٽ، فنڊ جي رقم توڙي ٻين بنيادي سهولتن لاءِ فوري نوٽيس وٺي اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڪري ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو